در الفتاويٰ- جلد اول

در الفتاويٰ- جلد اول

در الفتاويٰ جلد اول

در الفتاويٰ- جلد اول (ڪتاب): هي ڪتاب جڳ مشهور ديني عالم ۽ مدرسه صبغة الاسلام سانگهڙ جي باني، مفتي در محمد سڪندريءَ جي فتوائن تي مشتمل آهي، جيڪي هن ماڻهن طرفان پڇيل ديني مسئلن بابت سوالن جي جواب طور ڏنيون. انهن ٽڙيل پکڙيل فتوائن جي لکيل پنن کي وڏي جاکوڙ سان سهيڙي سنواري سندس قابل شاگرد مفتي حافظ عبدالرزاق مهراڻ سڪندريءَ، مڪتبھ حزب الاحنان سانگهڙ طرفان ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ مرتب نه صرف فتوائون ئي گڏ ڪيون آهن، پر وڏي دانائيءَ ۽ عرق ريزيءَ سان پائي جي مشهور مفتين جو تعارف، فتوائن جي مشهور ڪتابن جو ذڪر ۽ مصنف جي حياتيءَ جو احوال به ڏنو آهي. ٻه رنگي ٽائيٽل، پڪي جلد ۽ ڊبل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا ڄاڻائي وئي آهي. 254 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب 1424هه/ 2003ع ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو